ٽڪ مڪان

ٽڪ مڪان: هي ماڳ ديهه ٽڪو بارڻ، تپي ڪلو کوھر، تعلقي ٿاڻو بولاخان ضلعي ڄام شوري ۾، اتر ويڪرائي ڦاڪ 250 12\' 14\'\' اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 670 41\' 19\'\'تي موجود آھي، جيڪو اٽڪل چئن ايڪڙن تي پکڙيل ھي قبرستان ڳوٺ لالو ڪپري ۽ اوڍيري بٺيءَ جي اڀرندي ۾ ٽڪريءَ جي دامن ۾ آھي. ھتي اهڙيون قبرون آھن، جن جا ڊگھا وڏا پٿر ڪري پيا آھن. ۽ ڪي سلامت آھن. قبرن تي اڪر جو ڪم ڪيل آھي، پر ھاڻي هن قبرستان ۾ پراڻي رواج موجب نيون پٿر جون قبرون به اُڪر سان ٺاھيون وڃن ٿيون، جيڪي گذريل ٻن ٽن ڏھاڪن جون آھن. ان لاءِ ڌيان ۾ رھي ته گذريل ويھن سالن ۾ ٺھيل نيون اڪر جون قبرون اڳتي ھلي ڪنھن محقق لاءِ مسئلو بنجي سگھن ٿيون، ڇو ته نين ۽ پراڻين قبرن ۾ فرق ڪرڻ محال ٿي پيو آھي. ھن ماڳ جو اڳ ۾ ڪنهن تاريخ ۾ ذڪر نه آھي. ھنن پٿر وارين گھاڙين ۾ صرف ھڪ گھاڙيءَ تي سن 1150هه/ 1737ع لکيل آھي، جيڪا ھڪ وڏي ٿلھي تي ٺھيل آھي.


لفظ ٽڪ مڪانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو